سنڌو درياهه جي وهڪرن ۾ چاڙهه بعد تونسا بئراج وٽ مٿانهين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر

ڪراچي: سنڌو درياهه جي وهڪرن ۾ چاڙهه بعد تونسا بئراج وٽ مٿانهين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آھي، تونسا بئراج جا دروازا مڪمل طور کُلي ويا، تونسا وٽ درياهه جو مٿانهون وهڪرو 5 لک 10 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو

 چشما بئراج وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ اچي وئي، گڊو بئراج وٽ پاڻي جا وهڪرا وڌي 3 لک 37 هزار ڪيوسڪ ٿي ويا، گڊو بئراج وٽ ٻن ڏينهن ۾ وڏي ٻوڏ جو خطرو، واڳيل اختيارين کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي

وزيراعظم طرفان سنڌ ۾ چوماسي جي وسڪاري سبب آيل تباهي تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آھي، اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ سنڌ سرڪار کي متاثر علائقن ۾ فوري امدادي ڪارروائين جي هدايت ڪئي وئي آھي

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ جي صورتحال ۾ پهرين ترجيح متاثر کي ريسڪيو ڪري امداد ڏيڻ آهي، متاثرن کي رهائشي ۽ طبي سهولتون ترت فراهم ڪيون وڃن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔