سنڌ ۾ بدامني پکيڙيندڙ افغانين کي سزا سان گڏ ڊي پورٽ ڪيو ويندو: ناصر شاهه

ڪراچي: صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت سنڌ ۾ بدامني پکيڙيندڙ افغان ۽ ٻين پرڏيهين کي قانون موجب سزا سان گڏ ڊي پورٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران ناصر حسين شاهه چيو ته سهراب ڳوٺ واقعي کانپوءِ سنڌ حڪومت غير قانوني سنڌ ۾ ترسيل افغانين تي ڪرڙي نظر رکي آهي

هن چيو ته ڪراچي ۾ اڃا وڌيڪ برساتون ٿينديون، روڊ رستن جي حالت خراب ٿي وئي آهي، انهن جي مرمت ڪري رهيا آهيون

ناصر حسين شاهه چيو ته سپريم ڪورٽ جو پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ بابت فيصلو سڀني جي سامهون آهي، چيو پيو وڃي ته آصف زرداري پئسو هلايو، ٻڌايو وڃي ته ڪهڙو ووٽ ڪاسٽ نه ٿيو، اهو سڀ  ڪجهه ڪوڙ آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔