ڪراچي ۾ اڄ سڄو ڏينهن برسات جاري رهڻ جو امڪان

ڪراچي :ڪراچي ۾ اڄ سڄو ڏينهن برسات جاري رهڻ جو امڪان آھي، گذريل ڏينهن کان اڄ صبح 8وڳي تائين پيل برسات جا انگ اکر جاري ڪيا ويا

موسميات کاتي موجب سڀ کان وڌيڪ برسات ڪورنگي ۾ 30ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي

موسميات کاتي موجب گلشن حديد ۾ 16 ۽ صدر ۾ 12ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، ڪراچي ۾ اڄ ۽ سڀاڻي وقفيوقفي سان برسات جاري رهندي

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان جاري رھندڙ برسات سبب پاڻي بيھجي ويو آھي، مختلف رستن تي ٽريفڪ  جام ٿي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔