پرڏيهي خط تي جاچ ٿي آهي ته عوام آڏو پڌري ڪرڻ گهرجي:عارف علوي

اسلام آباد: صدر عارف علوي  چيو آھي ته جنهن غداري ڪئي آهي، اُن تي آرٽيڪل 6 ضرور لڳايو، مون نه آئين ٽوڙيو ۽ نه ئي غداري ڪئي آهي، پرڏيهي خط تي جاچ ٿي آهي ته عوام آڏو پڌري ڪرڻ گهرجي، نيوٽرل کي سدائين نيوٽرل رهڻ گهرجي

 صدر عارف علوي صحافين سان ملاقات دوران چيو ته صدر وٽ ڪو اختيار ناهي ته ڪنهن کي ڊائلاگ ڪرڻ لاءِ چوي، سڀ ڌُريون ڊائلاگ تي راضي هجن ته ايوانِ صدر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، وزيراعظم سان سٺا لاڳاپا نه هجڻ وارو تاثر غلط آهي

صدر عارف علوي وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت هيل تائين 74 سمريون اُماڻيون آهن، 69 سمريز اُن ئي صحيح ڪري اُماڻي ڇڏيون هيون، نيب آرڊيننس، اي وي ايم ۽ گورنر پنجاب بابت سمري روڪيون هيون

ھن چيو تھ اُهي سمريز روڪڻ لاءِ مون تي ڪو دٻاءُ نه هو، آمريڪا پاڪستان سان لاڳاپا ختم نٿو ڪرڻ گهرجي، بلاول آمريڪا سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔