سهراب ڳوٺ وڳوڙ ڪيس ۾ گرفتار افعانين کي سنڌ بدر ڪرڻ جي سفارش

ڪراچي: سهراب ڳوٺ پوليس افغان مهاجرن کي سنڌ بدر ڪري افغانستان واپس  اُماڻڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

سهراب ڳوٺ پوليس ايس ايس پي اوڀر کي خط لکيو، جنهن ۾ اعتراف ڪيو ويو آهي ته  سهراب ڳوٺ وڳوڙن جي ڪيس ۾ 70 افغاني گرفتار ڪيا ويا آهن

پوليس خط ۾ انڪشاف ڪيو ته غيرقانوني طور ترسيل افغان مهاجر زمينن تي قبضن ۽ منشيات فروشي سوڌو ٻين ڏوهن ۾ ملوث آهن

خط ۾ افغان قونصلخاني آڏو افغان مهاجرن جي واپسي جو معاملو اٿارڻ جي به سفارش ڪئي وئي آهي

ٻئي پاسي پوليس جي خط باوجود سنڌ سرڪار جي ڪنهن به نمائندي افغان پناهگيرن بابت ڪو بيان ئي ناهي ڏنو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔