جھمپير واقعو: سنڌ سرڪار پاران فوتي پورهيتن جي پونيئرن کي معاوضو ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي: سنڌ ڪابينا طرفان جھمپير ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڦاسڻ  سبب پورهيتن جي فوت ٿيڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آھي

 وڏي وزير مراد علي شاهه سمورين مائينز جي سيفٽي آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آھي، اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي توانائي جي وزير امتياز شيخ چيو ته نجي کاڻ ۾ واقعو پيش آيو، 12 ورهين جي نينگر سوڌو 8 پورهيتن جا لاش ڪڍيا ويا آهن

وڏي وزير چيو ته کاڻ اندر ٻار مزدوري ڪري رهيو هو ته اهو چائيلڊ ليبر جو معاملو آهي، اِن اشو تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، کاڻين ۾ ٻارن کان پورهيو ڪرائڻ واري معاملي جي رپورٽ طلب، فوتي پورهيتن جي پونيئرن کي معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔