هڪ ڏيڍ ڏينهن ۾ آءِ ايم ايف پروگرام بحال ٿي ويندو: ناڻي وارو وزير مفتاح اسماعيل

اسلام آباد: جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل ٻڌايو ته خالي پلاٽ تي تعميراتي ڪم شروع ٿيڻ سان ڪو ٽئڪس نه ورتو ويندو، هڪ اڌ ڏينهن ۾ آءِ ايم ايف پروگرام بحال ٿي ويندو.

هن ٻڌايو ته اوهان پهرين سِر لڳايو ته ٽيڪس ختم ٿي ويندو، قبضو ملڻ ۽ تعميرات شروع نه ڪرڻ تي ٽئڪس لاڳو ٿيندو

ناڻي واري وزير خالي پلاٽ مخصوص مدي تائين رکڻ جي اجازت ڏيڻ واري تجويز تي اتفاق ڪيو ۽ چيو ته ڪمپنيون ساليانه 30 ڪروڙ منعافي تي 2 سيڪڙو ٽئڪس ڀرينديون

سينيٽ ڪميٽي سفارش ڪئي ته 30 ڪروڙ تي ٽئڪس بدران 30 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني تي ٽئڪس لاڳو ڪيو وڃي، جنهن تي مفتاح اسماعيل چيو ته ڳالهه ته درست آهي پر ڇا ڪريون پئسن جي لوڙ گهڻي آهي

ناڻي واري اڳوڻي وزير شوڪت ترين چيو ته ناڻي وزير جي ڳالهه ۾ وزن آهي، مفتاح اسماعيل صاحب ڪنهن ٻئي جو کيسو ڪٽي وٺو، جنهن تي مفتاح اسماعيل چيو ته بلڪل اڃا ته گهڻا کيسا ڪٽبا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔