نيب قانون ۾ ترميم سان مافيا کي اين آر او ڏنو ويندو: عمران خان

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پي ڊي ايم طرفان پي ٽي آءِ حڪومت ڊاهڻ جو واحد مقصد پاڻ کي اين آر او ڏيڻ آهي، نيب قانون ۾ ترميم سان ڏوهاري مافيا کي اين آر او ٽو ڏنو ويندو

عمران خان چيو ته نيب قانون ۾ ترميم سان 11 سئو ارب رُپين جا جاچ هيٺ ڪيس نيب جي اختيار مان نڪري ويندا

سازش جو حصو ٿيندڙ ۽ ڪامياب ڪندڙن کي تاريخ ڪڏهن معاف نه ڪندي، امپورٽيڊ حڪمران هڪ پاسي ملڪ نٿا سنڀالي سگهن، ٻئي پاسي چوري معاف ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن

عمران خان چيو ته امپورٽيڊ حڪومت ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، عوام کي مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ اڇليو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔