ڪراچي: مدينه مسجد ڀرسان ملڪيتون خالي ڪرڻ جو نوٽيس جاري

ڪراچي: سپريم ڪورٽ جي حڪم تي طارق روڊ تي قائم مدينه مسجد ڀرسان ملڪيتون خالي ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي, ڪراچي جي علائقي پاڪستان ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي (پي اي سي ايڇ ايس) ۾ طارق روڊ تي واقع پارڪ مان مدينه مسجد ۽ ٻين حددخلين کي هٽائڻ لاءِ ضلعي انتظاميا پاران ڀرپور ڪوششون جاري آهن، ان سلسلي ۾ مسجد ڀرسان ڪلب، مدرسه، دڪان، مالڪن ۽ ڪرائيندارن ۽ رهائشي ماڻهن کي 24 ڪلاڪن ۾ خالي ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن

پوليس موجب اسسٽنٽ ڪمشنر فيروز آباد جي هدايت تي عدالت جي حڪم تي ايڇ ايس او فيروز آباد لاڳاپيل ڌرين کي 24 ڪلاڪن اندر ملڪيت خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

پوليس جو چوڻ آهي ته قانوني گهرجون پوريون ڪندي اهي نوٽيس لاڳاپيل عمارت تي به لڳايا ويا آهن, ميڊيا رپورٽس موجب نوٽيس جي ڪاپي تي 29 ڊسمبر جي تاريخ لکيل آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سمورا قابض خميس جي شام تائين ملڪيت خالي ڪرڻ جا پابند هئا

پوليس جو چوڻ آهي ته جيئن ئي جڳهه خالي ٿيندي ته فوري طور ڊاهڻ جو ڪم شروع ڪيو ويندو, ياد رهي ته سپريم ڪورٽ طرفان مسجد ۽ ٻين حددخلين کي هٽائي پارڪ کي بحال ڪرڻ لاءِ انتظاميه کي هڪ هفتي جي مهلت ڏني وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔