لسانيت پکيڙيندڙ لنڊن ۾ ويٺو آهي پر ان جي سوچ اڃا هتي موجود آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي وفاق ۾ ته جاهل حڪومت آهي پر بدقسمتي سان سنڌ ۾ به اڻ پڙهيل اپوزيشن اچي وئي، اهي چاهين ٿا ته اسلام آباد مان اچي قبضو ٿي ويندو پر سنڌ جو عوام ائين ٿيڻ نه ڏيندو.

سنڌ اسيمبلي ۾ مڪاني ترميمي بل جي منظوري کانپوءِ خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو مسئلو اهو آهي ته اڻ پڙهيل اپوزيشن کان وڌيڪ خراب ڪا ٻي شئي ناهي، بل منظور ٿي ويو ۽ هاڻ گورنر صاحب وٽ ويندو، جنهن کانپوءِ اهو 10 ڏينهن اندر قانون بڻجي ويندو.

هن چيو ته اهو بل صوبي جي خواهشن موجب آهي، جيڪڏهن اهي سنجيده هئا ته ترميمون پيش ڪن ها پر ترميمون پيش ڪرڻ جو وقت آيو ته انهن گوڙ ڪيو، جيڪي سفارشون هيون، اهي شامل ڪيون ويون آهن ۽ ٿي سگهي ٿو بل ۾ وڌيڪ بهتري جي گنجائش هجي.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪو ترميم آڻڻ چاهي ته پرائيويٽ بل آڻي سگهي ٿو، جيڪڏهن حڪومت کي ضرورت پئي ته اها به ترميم آڻيندي.

مراد علي شاهه چيو ته هيءَ سنڌ اسيمبلي آهي، قبضو نامنظور جي لسانيت درست ناهي، ڇا هيءَ صوبي تي قبضو ڪرائي رهي آهي؟ اسان اسيمبلي ۾ اڪثريت ۾ آهيون، صوبي جي عوام اسان کي چونڊيو آهي.

وڏي وزير چيو اهي چاهين ٿا ته اسلام آباد مان اچي قبضو ٿي ويندو پر اهي جيڪو چاهي رهيا آهن، سنڌ جا ماڻهو ائين ٿيڻ نه ڏيندا، اسان پاڪستان جو حصو آهيان ۽ اسان کي به پاڪستان جو حصو سمجهو، اهڙيون حالتون پيدا نه ڪيو جو ماڻهو ڪجهه ٻيو سوچڻ شروع ٿي وڃن.

هن چيو ته لسانيت پکيڙيندڙ لنڊن ۾ ويٺو آهي ۽ ان کي هي پاڻ به نٿا مڃين پر ان جي سوچ هنن جي ذهنن مان ناهي نڪتي، توهان ان کان لاتعلقي جو اظهار ته ڪري ڇڏيو پر ان جي سوچ پنهنجي ذهنن مان نه ڪڍي سگهيا آهيو، توهان جي دل ۾ سنڌ ۽ ان جي عوام سان محبت ناهي، تنهن ڪري هر دفعي رد ٿي ويندا آهيو.

مراد علي شاهه سنڌ جي گورنر جي رويي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته گورنر بل پاس ڪندڙ اڪثريت تي هارس ٽريڊنگ جو الزام لڳائي رهيو هو، جيڪو مناسب ناهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔