ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ سٺ ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ 60 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ايشين ترقياتي بئنڪ(اي ڊي بي) طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اي ڊي بي پاڪستان لاءِ 60 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏني آهي جڏهن ته 30 لک ڊالر گرانٽ جي به منظوري ڏني وئي آهي.
اي ڊي بي موجب قرض ۽ گرانٽ جي رقم سماجي تحفظ واري پروگرام لاءِ خرچ ڪئي ويندي. تعليم سڀني لاءِ فائونڊيشن طرفان به اي ڊي بي ذريعي 24 ملين گرانٽ خرچ ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔