سيالڪوٽ واقعو: مولانا طارق جميل کانپوءِ مفتي تقي جو به بيان سامهون اچي ويو

ڪراچي: مشهور مذهبي اسڪالر مولانا طارق جميل کانپوءِ شيخ الحديث مفتي تقي عثماني به سيالڪوٽ ۾ غير ملڪي فيڪٽري مئنيجر سان پيش آيل افسوسناڪ واقعي تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي

صدرعارف علوي، وزيراعظم عمران خان، وفاقي وزيرن،آرمي چيف ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙن سيالڪوٽ واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي

ڪالهه مولانا طارق جميل به سيالڪوٽ واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شان جي آڙ ۾ غير ملڪي کي جيئرو ساڙڻ وارو واقعو افسوسناڪ آهي

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مولانا طارق جميل چيو ته رڳو الزام تراشي جي بنياد تي قانون هٿ ۾ کڻڻ اسلامي تعليمات جي خلاف آهي

هاڻي ان حوالي سان شيخ الحديث مفتي تقي عثماني جو رد عمل به سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته توهين رسالت سنگين جرم آهي پر ان ۾ ملوث هجڻ جو ثبوت به ايترو ئي مضبوط هجڻ گهرجي

مفتي تقي عثماني جو چوڻ آهي ته توهين رسالت جو سنگين الزام هڻي ڪنهن کي سزا ڏيڻ جو ڪو جواز ناهي، سيالڪوٽ واقعو مسلمانن جي بدصورت تصوير ڏيکاري ملڪ ۽ قوم کي بدنام ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔