وفاقي سرڪار پيٽرول ۽ ڊيزل تي 4 رپيا في ليٽر ليوي وڌائي ڇڏي

ڪراچي: عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ گھٽتائي جي باوجود وفاقي حڪومت پھرين ڊسمبر کان پيٽروليم شين جون قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو تھ ڪيو پر گڏوگڏ پيٽرول ۽ ڊيزل تي في ليٽر 4 رپيا ليوي وڌائي ڇڏي آھي

ناڻي واري وزارت جي پڌرنامي ۾ چيوويو آھي تھ پھرين ڊسمبر کان پيٽرول جي موجودھ قيمت 145 رپيا 82 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت 142 رپيا 62 پئسا برقرار رھندي، مٽي جي تيل جي موجودھ قيمت 116 رپيا 53 پئسا ۽ لائٽ ڊيزل آئل جي في ليٽر 114 رپيا 7 پئسا قيمت برقرار رھندي

ذريعن موجب حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي چار رپيا في ليٽر ليوي وڌائي ڇڏي آھي، جنھن بعد پيٽرول تي لاڳو ليوي 13 رپيا 62 پئسا ۽ ڊيزل تي پيٽروليم ليوي في ليٽر 13 رپيا 14 پئسا ٿي وئي آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔