ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستاني دوري لاءِ سڪيورٽي پلان تيار

ڪراچي: ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان جي دوري لاءِ سڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي، پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ۽ 3 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز 13 ڊسمبر کان شروع ٿيندي ۽ سموريون ميچون ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون

پوليس اختيارين موجب دوري لاءِ سڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڊي آءِ جي سيڪيورٽي اينڊ ايمرجنسي سروسز ڊويزن مقصود احمد جي صدارت هيٺ ايس ايس يو هيڊڪوارٽرز ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پوليس اهلڪارن شرڪت ڪئي

ڊي آءِ جي مقصود احمد موجب پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ ميچن دوران 800 ايس ايس يو ڪمانڊوز سميت 1500 کان وڌيڪ اهلڪار ڊيوٽي تي هوندا، اسٽيڊيم جي چوڌاري نگراني لاءِ اسپيشل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول بسون نيشنل اسٽيڊيم ۾ موجود هونديون

مقصود احمد موجب تماشائن لاءِ پارڪنگ پوائنٽس کان نيشنل اسٽيڊيم تائين شٽل بس سروس هلندي، ٽيم ايس ايس يو هيڊڪوارٽرز ۾ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ الرٽ رهندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔