ٿرڪول جي بجلي جو في يونٽ 13 رپيا آهي، وفاقي سرڪار 24 رپيا ڪري ڇڏيو آهي: امتياز شيخ

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ سوالن جا جواب ڏيندي چيو آهي ته وفاق پاران سنڌ سان دشمني وارو رويو رکيو پيو وڃي، سنڌ جي ٻهراڙي جي ڳوٺن کي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار گهرجون پوريون ڪري ڇڏيون آهن پر ان باوجود ڳوٺن کي بجلي نه ٿي ملي

هن چيو ته سنڌ ۾ مهينن جا مهينا سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿا ٿين ۽ چندو ڪري ٽرانسفارمر ٺهرايا وڃن ٿا. صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته ٿر ڪول ۾ 1330 ميگاواٽ جو پاور پلانٽ بلاڪ ون ۾ زير تعمير آهي، ٿر جو ڪوئلو سڀ کان سستي توانائي جو وسيلو آهي پر ان کي ان سطح تي استعمال نه پيو ڪيو وڃي، پي ٽي آئي جي وفاقي سرڪار هن رٿا ۾ رنڊڪون وجهي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته هائڊل پاور تي ٺهندڙ بجلي سستي پيدا نه ٿيندي آهي، ٿر مان پيدا ٿيندڙ بجلي جو في يونٽ 13 روپيا يونٽ آهي پر وفاقي سرڪار في يونٽ 24 روپيا ڪري ڇڏي آهي، سستي بجلي رڳو هوا مان پيدا ڪري سگهجي ٿي پر سنڌ جا اهي منصوبا منظور نه ٿا ڪيا وڃن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔