شاھنواز ڏاھاڻي جو لاڙڪاڻي ۾ ڪيئن استقبال ڪيو ويو؟

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) بنگلاديش خلاف پنھنجي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل کيڏندڙ فاسٽ بالر شاھنواز ڏاھاڻي پنھنجي اباڻي شھر لاڙڪاڻي پھتو، جتي ھُن جو شاندار استقبال ڪيو ويو

شاھنواز ڏاھاڻي پنھنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي ھڪ وڊيو ري ٽوئٽ ڪيو جنھن ۾ ڏسي سگھجي ٿو تھ وطن آمد تي ڪھڙي طرح ان جا دوست، مائٽ ۽ چاھيندڙ استقبال ڪيو ۽ ھُن کي ھارا پارايا

ان کانسواءِ ڪرڪيٽر پنھنجي ڀائٽيي کي ھنج ۾ کڻي تصوير بھ شئير ڪئي ۽ گھر موٽڻ تي خوشي جو اظھار ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔