پاڪستان مان ڌمڪيون ملڻ واريون خبرون ڪوڙيون آهن: حسن علي جي گهرواري

ڪراچي: قومي ڪرڪيٽر حسن علي جي گهرواري سامعه آرزو پاڪستان مان ملندڙ ڌمڪين وارين خبرن کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو، آسٽريليا خلاف سيمي فائنل ۾ حسن علي کان ڪيچ ڊراپ ٿيڻ تي فاسٽ بالر تي سخت تنقيد ڪئي وئي ۽ ٽويٽر تي حسن علي جي زال سان منسوب اڪائونٽ تان ڪيل ٽويٽس وائرل ٿي ويون جنهن ۾ هن وزيراعظم عمران خان ۽ پي سي بي کي مخاطب ٿيندي چيو ته پاڪستان جي ماڻهن کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ کان روڪيو وڃي

ٽويٽ ۾ لکيو ويو هو ته پاڪستاني مداح هي سوچن ٿا ته مان ڀارت جي ايجنٽ آهيان، ميچ کانپوءِ دبئي ۽ پاڪستان ۾ ڌمڪيون ملي رهيون آهن، اسان جي ڌيءَ کي به نشانو بڻايو پيو وڃي، تحفظ نه مليو ته پنهنجي ڌيءَ سان گڏ واپس ڀارت هلي وينديس

حسن علي جي گهرواري اهڙين سمورن ٽوئٽر اڪائونٽس کي جعلي قرار ڏيندي هنن کي فوري طور رپورٽ ڪرڻ اپيل ڪئي ۽ چيو ته هي سڀ ڪوڙيون خبرون آهن، مداحن کي اپيل آهي ته اهڙن بيانن تي يقين نه ڪيو وڃي، منهنجو ڪو به ٽوئٽر اڪائونٽ نه آهي، نه ئي مون کي ڌمڪيون مليون آهن

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔