غيرقانوني عمارت جي خاتمي تائين رهواسين لاءِ رهائش جو انتظام ڪيو وڃي:سنڌ ھاءِ ڪورٽ

ڪراچي: سنڌ ھاءِ ڪورٽ چيو آھي تھ مڪه ٽيريس جو بلڊر لکت ۾ ڏئي ته 12 فليٽس جي متاثرن جي متبادل رهائش جو بندوبست پاڻ ڪندو، غيرقانوني عمارت جي خاتمي تائين رهواسين لاءِ رهائش جو انتظام ڪيو وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو مڪه ٽيريس ڊاهڻ بابت ڪيس ۾ ٻڌڻي دوران اهم حڪم ڏنو ويو آھي

بلڊر جي هڪ سال لاءِ مهلت واري استدعا رد ڪندي 15 ڏينهن ۾ متبادل جاءِ جو انتظام ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، عدالت چيو آهي ته غيرقانوني اڏاوت هٽائي عمارت کي رهواسين لاءِ ٻن مهينن اندر استعمال جوڳو بڻايو وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ آگرا تاج ۾ 7 ماڙ عمارت کي غيرقانوني قرار ڏيندي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو آهي ته ايس بي سي اي جا آفيسرز جي ملي ڀڳت بنا عمارتون ڪيئن ٺهي سگهن ٿيون؟ اصل ڪراچي لياري هو، پر اُن کي ڏوهن جو ڳڙهه بڻايو ويو، لياري ۾ ئي اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، بلڊر ۽ ايس بي سي اي آفيسرز خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔