پوليو ويڪسينيشن خلاف درخواستگذار کي عدالت وڃڻ مهانگو پئجي ويو

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليو مهم خلاف درخواست ڏنڊ سان گڏ رد ڪري ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پوليو ويڪسينيشن جي خلاف امير جهان عرف بسم الله نورين پاران

درخواست داخل ڪرائي وئي جنهن جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران درخواستگذار دليل ڏنو ته پوليو ويڪسينيشن سان وڌيڪ بيماريون پکڙجن پيون، جنهن تي سنڌ حڪومت جي وڪيل جواب ڏنو ته پوليو ويڪسينيشن سڄي دنيا ۾ ٿي رهي آهي.

سرڪاري وڪيل چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان کانسواءِ سڄي دنيا پوليو کان پاڪ ٿي وئي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست رد ڪندي درخواستگذار کي 25 هزار رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔