سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي ٻن مبينا ٽارگيٽ ڪلرز کي بري ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻن پوليس اهلڪارن جي قتل ڪيس ۾ نامزد ايم ڪيو ايم جي مبينا ٽارگيٽ ڪلرز جون اپيلون منظور ڪندي کين بري ڪري ڇڏيو. ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته پراسيڪيوشن جوابدارن جي سزا برقرار رکڻ جي لاءِ پڪا ثبوت پيش نه ڪري سگهيو. عدالت ايم ڪيو ايم جي مبينا ٽارگيٽ ڪلرز عبيد ڪي ٽو ۽ نادر شاهه جون اپيلون منظور ڪندي ٻنهي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو ته جوابدارن جي خلاف ڪو وڌيڪ ڪيس ناهي ته کين جيل کان آزاد ڪيو وڃي. واضح رهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻنهي ٽارگيٽ ڪلرز کي عمر قيد جي سزا ٻڌائيندي 2، 2 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي. پوليس موجب جوابدارن سال 2000 ۾ ايم اي جناح روڊ تي پوليس اهلڪارن کي قتل ڪيو هو جن ۾ ريحان ۽ نثار شامل هئا. ٽارگيٽ ڪلرز عبيد ڪي ٽو ۽ نادر شاهه کي ايم ڪيو جي مرڪز 90 مان گرفتار ڪيو ويو هو، ٻنهي ٽارگيٽ ڪلرز خلاف دهشتگردي عدالت ۾ ٻيا ڪيسز به ٻڌڻي هيٺ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔