بي اي پي جي ناراض ميمبرز ڄام ڪمال خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي

ڪراچي: بلوچستان جَي وڏي وزير ڄام ڪمال جو گهيرو تنگ ٿي ويو، بلوچستان عوامي پارٽي جي ناراض ميمبرز بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي، رٿ تي 14 ميمبرز جون صحيحون ٿيل آھن. ڄام ڪمال کي 24 ۽ ناراض گروپ کي 16 ميمبرز جي حمايت حاصل آھي، اپوزيشن وٽ به 23 ووٽ آهن، اتحادين جي ناراض ٿيڻ بعد وڏي ڄام ڪمال جي پوزيشن ڪمزور ٿي وئي آھي. جي يو آءِ (ف) به ڄام ڪمال جي مدد کان انڪار ڪري چڪي آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔