جوابدار رحيم شاهه کي هوٽلن تي ماني ٿا کارايو، جج جو پوليس کان پڇاڻو

دادو:ڪراچي پوليس جوابدار رحيم شاھ کي دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڪيو . ان موقعي تي معزز جج جو پوليس کان پڇاڻو ڪيو ته توهان جوابدار رحيم شاھ کي هتان واپس وٺي وڃڻ دوران هوٽلن تي مانيون کارائيندا ٿا وتو. انسپيڪٽر زبير چيو ته مان پهريون ڀيرو رحيم شاھ سان آيو آهيان مونکي خبر ناهي،. عدالت چيوت ه پوليس ۽ جوابدار جون هوٽل واري وڊيو وائرل ٿي آهي ۽ توهان بيخبر آهيو. جوابدارن رحيم شاھ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي ٻي عدالت ۾ ڪيس ٽرانسفر ڪرڻ جي درخواست ڏني. عدالت رحيم شاھ کان پڇيو ته تنهنجو وڪيل ڪٿي آهي، پنهنجي وڪيل کي گهراءِ ته ڪيس هلايون نه ته سرڪاري وڪيل مقرر ڪري ڪيس هلايو ويندو. ان موقعي تي وڪيل پير غلام محمد پاران رحيم شاھ کي هوٽلن تي ماني کارائيندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني، جنهن بعد عدالت درخواست تي ٻڌڻي هڪ ڪلاڪ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔