لبنان ۾ پاور اسٽيشنز جي بند ٿيڻ سبب سڄو ملڪ اوندھه ۾ ٻڏي ويو

لبنان ۾ 2 وڏن پاور اسٽيشنز جي بند ٿيڻ سبب سڄي ملڪ ۾ بجلي جي فراھمي معطل ٿي وئي معاشي بحران جي ور چڙھيل لبنان ڪيترن ئي مھينن کان ٻارڻ جي کوٽ جو شڪار آھي ۽ ڪيترائي لبناني شھري بجلي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرائيويٽ جنريٽرز جو استعمال ڪري رھيا آھن جڏھن تھ ھاڻ لبنان ۾ 2 وڏا پاور اسٽيشن بند ٿيڻ سبب سڄي ملڪ ۾ بجلي جي فراھمي معطل ٿي وئي ۽ سڄو ملڪ اوندھھ ۾ ٻڏي ويو غير ملڪي خبرون ڏيندڙ اداري موجب لبنان ۾ بجلي جي بندش ڪجھھ ڏينھن تائين جاري رھندي رپورٽن موجب الزھراني ۽ دير امار پاور اسٽيشنز فيول ختم ٿيڻ سبب بند ڪيا ويا آھن جنھن کانپوءِ لبنان ۾ بجلي جي پيداوار 200 ميگاواٽ کان بھ ھيٺ اچي وئي آھي انھيءَ کان اڳ سڄي لبنان ۾ مجموعي طور تي 7 ڀيرا بليڪ آئوٽ ٿي چڪو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔