راڻيپور ۾ سماجي اڳواڻ روشن راڄپر جو مبينا قتل پوليس لاءِ چئلينج بڻيل

راڻيپور: راڻيپور ۾ سماجي اڳواڻ روشن راڄپر جو مبينا قتل پوليس لاءِ چئلينج بڻيل، اسپتال انتظاميا 3 ڏينهن گذرڻ باوجود ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري نه ڪئي، قتل ڪيس ۾ نامزد 8 جوابدارن گرفتاري کان اڳ ضمانتون ڪرائي ورتيون آھن.

 عورت جي وارثن چيو آهي ته روشن راڄپر جو اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ 20 ڪلاڪن تائين لاش پيل رهيو، هاڻي وري پوسٽ رپورٽ به جاري ڪرڻ ۾ دير جا هربا استعمال ڪيا پيا وڃن.

عورت جي وارثن موجب روشن راڄپر کي اڻڄاتل ماڻهن هٿان گهٽا ڏئي قتل ڪرايو ويو، خدشو آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ تبديل ٿي ويندي، الزام هيٺ آيل پير معشوق شاهه واقعي ۾ ملوث هجڻ جي ترديد ڪندي جي آءِ ٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔