دل جي ڳالهه آهي ته استادن جي ڀرتي لاءِ مارڪون 40 سيڪڙو ٿيڻ گهرجن: سردار شاهه

لاڙڪاڻو: تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ استادن جي ڀرتي لاءِ ورتل ٽيسٽ شفاف نموني ٿي، جيڪڏهن ڪنهن وٽ شفافيت جي خلاف ثبوت آهن ته کڻي اچي. هن چيو ته جيڪي نوڪريون بچن ٿيون تن حوالي سان فيصلو ڪابينا کي ڪرڻو آهي، منهنجي دل جي ڳالهه اها آهي ته استادن جي ڀرتي لاءِ مارڪون گهٽ ڪيون وڃن جيڪي 40 سيڪڙو تائين هجن، ٽن سالن اندر اسان کي پڙهيل لکيل استاد ملي ويندا. سردار شاهه چيو ته اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ آهي، اسان فرنيچر مارڪيٽ ريٽ تي خريد ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته 2 سال اڳ اسڪول جي ڊيسڪ 7 هزار ۾ ملي رهي هئي، اڄ جي خبر ڪانهي، اڄ هڪ ڊيسڪ 10 هزار اندر ملڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔