نيب جي مامرن ۾ مداخلت نٿا ڪري سگهون: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: نيب جي مامرن ۾ مداخلت نٿا ڪري سگهون، عدالت ڪنهن جي چوڻ تي سياسي اڳواڻ يا وفاقي وزير خلاف نيب کي جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم نٿي ڏئي سگهي. سپريم ڪورٽ وفاقي وزير خسرو بختيار خلاف جاچ مڪمل نه ٿيڻ تي نيب چيئرمين خلاف داخل توهين عدالت جي درخواست خارج ڪري ڇڏي آھي، ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهي ڏني ته خسرو بختيار خلاف انڪوائري مڪمل ڪري سفارشون هيڊڪوارٽر ڏانهن اُماڻي ڇڏيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔