اعجاز جکراڻي کي نوٽيس، وڏي وزير کي سرڪاري زمين ورهائڻ جو اختيار ناهي: سپريم ڪورٽ

ڪراچي: سپريم ڪورٽ جيڪب آباد ۾ سرڪاري ملڪيتن تي قبضي بابت اعجاز جکراڻي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ جڪيب آباد ۾ سرڪاري ملڪيتن تي قبضن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ پ پ ايم پي اي اعجاز جکراڻي عدالت ۾ پيش ٿيو. اعجاز جکراڻي عدالت کي ٻڌايو ته جيڪب آباد ۾ اسڪول جي لاءِ وڏي وزير مراد علي شاهه مون کي زمين ڏني آهي. چيف جسٽس چيو ته وڏي وزير کي ڪو به اختيار نه آهي ته هو سرڪاري زمين ورهائيندو وتي، اسان جيڪب آباد اينداسين ۽ سڀ ڪجهه ڏسنداسين. اعجاز جکراڻي چيو ته مان درخواستگذار جي والد ۽ ڀاءُ جي خلاف اليڪشن وڙهندو آهيان، ان ڪري مون کي گهليو پيو وڃي. عدالت اعجاز جکراڻي کي حاضري لڳائڻ جي هدات ڪئي ۽ نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب طلب ڪري ورتو. جڏهن ته سپريم ڪورٽ ايس پي جيڪب آباد شمائل رياض کي ڪوڙ ڳالهائڻ تي معافي جي درخواست منظور ڪري ورتي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔