قومي ڪرڪيٽ ٽيم 5 ورهين جو کانپوءِ بنگلاديش جو دورو ڪندي

لاهور : پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اعلان ڪيو آهي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم 5 سالن کانپوءِ بنگلاديش جو دورو ڪندي.
قومي ڪرڪيٽ ٽيم بنگلاديش ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ۽ 2 ٽيسٽ ميچون کيڏندي، ٻئي ٽيسٽ ميچون آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو حصو هونديون.
دوري ۾ شامل سموريون ٽي ٽوئنٽي ميچون ڍاڪا ۾ کيڏيون وينديون، اهي ميچون 19، 20 ۽ 21 نومبر تي کيڏيون وينديون.
ٻنهي ٽيمن ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 26 کان 30 نومبر تائين چٽاگانگ، جڏهن ته ٻي ميچ 4 کان 8 ڊسمبر تائين ڍاڪا ۾کيڏي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔