ڪروونا سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 78ماڻهو پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: ڪورونا وائرس وگهي 78 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 26 هزار 865 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 10 هزار 82 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 هزار 580 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. پنجاب ۾ 4 لک 15 هزار 654، سنڌ ۾ 4 لک 46 هزار 45. خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 69 هزار 40، بلوچستان ۾ 32 هزار 618، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 168، اسلام آباد ۾ هڪ لک 3 هزار 125 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 33 هزار 432 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. سموري ملڪ ۾ هينئر تائين هڪ ڪروڙ 85 لک 58 هزار 658 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران 47 هزار 419 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 10 لک 97 هزار 416  مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جڏهن ته 5 هزار 304 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 78 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. جنهن کان پوءِ وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 26 هزار 865 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 12 هزار 259، سنڌ  ۾ 7 هزار 177، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 290، اسلام آباد ۾ 889، بلوچستان ۾ 344، گلگت بلتستان ۾ 182 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 724 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔