ڪورونا جي چوٿين لهر هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 84 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

اسلام آباد:ڪورونا وائرس وگهي 84 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 26 هزار 497 ٿي ويو آهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 11 لک 94 هزار 198 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 هزار 62 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 8 هزار 758، سنڌ ۾ 4 لک 41 هزار 410، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 66 هزار 564، بلوچستان ۾ 32 هزار 480، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 109، اسلام آباد ۾ هڪ لک هڪ هزار 840 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 33 هزار 37 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

سموري ملڪ ۾ هينئر تائين هڪ ڪروڙ 82 لک 86 هزار 469 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 63 هزار 161 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 19 لک 76 هزار 112 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 5 هزار 383 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 84 مريض فوت ٿيا آهن جنهن کان پوءِ موذي وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ 26 هزار 497 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 12 هزار 135، سنڌ ۾ 7 هزار 73، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 175 اسلام آباد ۾ 879، بلوچستان ۾ 342، گلگت بلتستان ۾ 179 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 714 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔