گوگل جي 8 ايپس تي پابندي، پوليس واهپيدارن کي خبردار ڪري ڇڏيو

جيڪڏهن اوهان اينڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽم استعمال ڪندڙ سمارٽ فون واهپيدار آهيو ته اهو چيڪ ڪري وٺو ته ڪٿي انتهائي خطرناڪ جوڪر ميل ويئر سان ڀريل ايپس اوهان جي موبائل فون ۾ ته موجود ناهن؟
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب گوگل تازو ئي انتهائي خطرناڪ وائرس سان ڀريل 8 ايپس تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب گوگل جي پابندي کان پوءِ بيلجيئم جي پوليس واهپيدارن کي خبردار ڪيو آهي ته هو جلد کان جلد وائرس سان ڀريل انهن ايپس کي پنهنجي موبائل تان هٽائي ڇڏين.
انهن ايپليڪيشنز بابت خيال ڪيو وڃي ٿو ته انهن ۾ خطرناڪ جوڪر ميل وئير شامل آهي جيڪو ڪنهن به فون تي تباهي پکيڙڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
هڪ ڀيرو انسٽال ڪرڻ کان پوءِ، جوڪر ڊوائيسز تي ڳجهي اسپاءِ ويئر ۽ پريميم ڊائلرز انسٽال ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جيڪو پوءِ آٽوميٽڪ طريقن سان واهپيدارن جي ڪريڊٽ ڪارڊن مان پيسا ڪاٽي ٿو.
جوڪر نالي ميل ويئر ۾ اها صلاحيت به موجود آهي ته اهو هيڪرز جي مختلف ايپس جي سالياني سبسڪرپشن ڪري ڇڏي ٿو جنهن کان پوءِ واهپيدارن جا هزارين رپيا ان جي اڪائونٽ مان ڪٽجڻ لڳن ٿا.
انهن ايپس ۾ freefast magic smsElement ScannerAuxiliary Message* Travel Wallpapers Great Sms Super MessageGo Message CamScanner شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔