مني لانڊرنگ ۽ ھوالا ھنڊيءَ جو غيرقانوني ڪاروبارڪندڙن جو گھيرو تنگ ڪيو وڃي: ڊائريڪٽر ايف آءِ اي

سکر: ڊائريڪٽر ايف آءِ اي سنڌ زون ٽو محمد يونس چانڊيو جو سکر آفيس جو دورو، ايف آءِ اي جي ڊپٽي دائريڪٽر، جاچ آفيسرن توڙي لاڳاپيل عملدارن سان گڏجاڻي ڪئي، ان موقعي تي هن ڊائريڪٽر ايف آءِ اي مني لانڊرنگ، ھوالا ھنڊي سميت ٻيو غيرقانوني ڪاروبار، ڪم ڪندڙن خلاف ڪاروائيءَ جي سختيءَ سان ھدايت ڪئي، ڊائريڪٽر ايف آءِ آي سنڌ چيو ته مني لانڊرنگ، ھوالا ھنڊيءَ جو غيرقانوني ڪاروبار ڪندڙن جو گھيرو تنگ ڪيو وڃي، ڪنھن به قسم جي ڪوتاھي برداشت نه ڪئي ويندي، يونس چانڊيو چيو ته جاچ آفيسرز پنھنجو ڪم ايمانداري ۽ سچائي سان سرانجام ڏين، جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڏوھ ڪندڙن خلاف جاچ جو دارو وڌايو وڃي، ڊائريڪٽر ايف آءِ اي سنڌ زون ٽو سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽرز، جاچ آفيسرن ۾ ليپ ٽاپ ۽ انٽرنيٽ ڊوائيز پڻ تقسيم ڪيون، ڊائريڪٽر ايف آءِ اي سنڌ زون محمد يونس چانڊيو چيو ته ليپ ٽاپ ۽ ڊوائيز ذريعي جديد طريقي سان جاچ ڪرڻ ۽ رڪارڊ محفوظ ڪرڻ ۾ جاچ آفيسرن کي آساني ٿيندي، ڊائريڪٽر ايف آءِ اي، ايف آءِ ۾ ٿيندڙ ڀرتين متعلق فزيڪل ٽيسٽ ۽ ٻين انتظامن متعلق لاڳاپيل آفيسرن کان بريفنگ ورتي، فزيڪل ٽيسٽ واري ھنڌ جو پڻ ھن معائنو ڪيو،۽ ڀرتين بابت انتظامن جو جائزو پڻ ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔