اجرڪ جون نمبر پليٽون جن لڳايون آهن، اهي غير قانوني آهن!: صوبائي وزير مڪيش چاولا

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چڇاولا چيو ته مخالفن جو خواب ايندڙ 22 سالن ۾ به پورو نه ٿيندو، ۽ انشاء الله پورٽ فوليو مون وٽ رهندو. هن چيو ته موٽرسائيڪل ۽ ڪارون روز رجسٽرڊ ٿينديون آهن 2016 کان 2018 تائين 4 لک کان وڌيڪ گاڏيون رجسٽرڊ ٿيون آهن. گاڏين جي رجسٽريشن کانپوءِ نمبر پليٽ جو معاملو اسٽي سبب رڪيو، هاڻي ڪورٽ بهتر فيصلو ڏنو آهي، ڪابينا جي فيصلي تحت ڪم ڪيون پيا، ايندڙ جون کان پهرين رولڙي جو شڪار 4 لک کان وڌيڪ نمبر پليٽون ۽ نيون نمبر پليٽون ڏينداسين. هن چيو ته نيون نمبر پليٽون سيڪيورٽي واريون هونديون، اجرڪ جون نمبر پليٽون جن لڳايون آهن اهي غيرقانوني آهن. سنڌ سرڪار پاران اڃا سنڌي اجرڪ جي ڊزائين جي ڪا به نمبر پليٽ جاري ناهي ڪئي۔ جلد سنڌي اجرڪ واري ڊزائين جي پليٽ نمبر جاري ڪئي ويندي۔هڪ سوال جي جواب ۾ مڪيش چاولا چيو ته شراب وڪرو ڪندڙن ۾ ٻار شامل آهن ته ٻڌايو وڃي ته ان وائين شاپ خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، شراب جي دڪان لاءِ صرف غيرمسلم اپلا ڪري سگهي ٿو، مسلمان درخواست نه ٿو ڏئي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔