ايف آءِ اي حڪومتي ميمبرن جي شڪايت تي فوري ڪارروائي ڪري ٿي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف آءِ اي جي غلط استعمال خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ايف آءِ اي کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايف آءِ اي ڪهڙيون ايس او پيز ٺاهي رهيو آهي، رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته سيڪشن 20تحت 22هزار 970 شڪايتون مليون آهن، عدالت ريمارس ڏنا ته اهو به ڏسڻ ۾ آيو آهي ته حڪومتي ميمبرن جي شڪايت تي ايف آءِ اي فوري ڪارروائي ڪري ٿو، عام ماڻهو جي شڪايت تي ڪارروائي نٿي ٿئي، مهذب معاشرن ۾ ايئن نه ٿيندو آهي، ڪنول شوزب جي شڪايت تي ڪارروائي نه ٿيڻ گهرجي ها، تنقيد نه ٿيندي ته احتساب به نه ٿيندو، اي اليون ۾ ڇا ٿيو آهي؟ جڏهن ماحول تباهه ڪندا ته اهو ئي ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔