اندازو آهي ته واٽس اپ پيگاسس جي مدد ڪئي: پي ٽي اي اختياريون

اسلام آباد: پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي اختيارين چيو آهي ته اندازي موجب پيگاسس ٺاهيندڙ اين ايس او جيڪو ڪجهه ڪيو ان ۾ واٽس ايپ شامل هو.
امجد علي خان جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي بچاءَ واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ گهرو کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري ڪميٽي کي سائبر ڪرائم جي حوالي سان بريفنگ ڏني.
گهرو ايڊيشنل سيڪريٽري چيو ته دنيا ۾ اسان جي قانون کي قبول ناهي ڪيو ويندو، اِهو هڪ وڏو مسئلو آهي جڏهن ته ڊي جي سائبر ڪرائم جو چوڻ هو ته ڪيترن ئي معاملن ۾ ڪنٽري ٽو ڪنٽري سهڪار نه ٿي سگهندو هو، ايف اي ٽي ايف اچڻ سان هاڻ ڪنٽري ٽو ڪنٽري سهڪار ممڪن ٿي ويو آهي، عالمي سطح تي پوليس رابطي جي اجازت ملي وئي آهي، هاڻ ڊارڪ ويب سائيٽ پورنو گرافي ۽ اهڙي ٻين سائبر ڪرائمز جا اطلاع اسان کي ٻين ملڪن مان ملي رهيا آهن.
ڊي جي ايف آءِ اي سائبر ڪرائمز وڌيڪ ٻڌايو ته فيس بڪ، ٽوئيٽر ۽ ٻين اسان کي پورٽل ڏئي رکيا آهن، اسان اُتي شڪايت داخل ڪرايون ٿا پر اسان کي رڳو 34 سيڪڙو جواب ڏنا ويندا آهن، اسان کي رڳو چائلڊ پورنو گرافي جي حوالي سان جواب ڏنا ويندا آهن.
اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پي ٽي اي اختيارين انڪشاف ڪيو ته پيگاسس جي ذريعي سڄي دنيا ۾ جاسوسي ڪئي وئي، فوج پهرين ئي بروقت ايڪشن ورتو ۽ اسمارٽ فون تي پابندي لاڳو ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔