چونڊن ۾ ٽي سال آھن، پر اي وي ايم جو آرڊيننس پھريان اچي ويو:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس

اسلام آباد: ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آھي تھ ملڪ ۾ عام چونڊون ٽن سالن بعد ٿيڻيون آهن پر اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جو آرڊيننس پهريان اچي ويو، جيڪڏهن اهو آرڊيننس ايڪٽ آف پارليامينٽ نه بڻي ها ته مشينن جي خريداري تي لڳل پئسو ضايع ٿي وڃي ها، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جَي چيف جسٽس اطهر من الله جا صدارتي آرڊيننس خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا، چيف جسٽس چيو ته آرڊيننس پارليامينٽ جو سيشن نه ٿيڻ جي صورت ۾ اچي سگهي ٿو، جيڪڏهن ايڏي ڪا ايمرجنسي هئي ته صدر آرڊيننس جاري ڪرڻ بدران پارليامينٽ جو سيشن گهرائي ها.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔