ڪورونا بي قابو، خدا نه ڪري هتي هندستان واري صورتحال پيدا ٿي وڃي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال خطرناڪ ٿي وئي آهي، عوام جعلي واٽس ايپ ڊاڪٽرن ۽ حڪيمن ڏانهن ڌيان نه ڏين، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته ڪورونا وائرس خلاف جيڪا جنگ حڪومت ۽ عوام وڙهي رهي آهي ان ۾ صحت کاتي جا ورڪرز ۽ ميڊيا ورڪرز جو اهم ڪردار آهي، ميڊيا کي گهرجي ته عام ماڻهن کي ٻڌائي ته ڪورونا جي صورتحال ڪيتري خراب آهي، هن چيو آهي ته خانگي اسپتالون ڀرجي چڪيون آهن، سرڪاري اسپتالون 65 سيڪڙو ڀرجي چڪيون آهن، شهرين کي گذارش آهي ته جيڪڏهن صورتحال ائين رهي ته لاڪ ڊائون لڳائڻو پوندو، هن چيو آهي ته جيڪي چون ٿا پيپلز پارٽي بزنس دشمن آهي انهن کي ٻڌايون ٿا ته پيپلزپار ٽي جي سنڌ حڪومت عوام دوست آهي، ڪراچي ۾ ڪيسن جو ريشو 26 سيڪڙو کان وڌيڪ ٿي ويو، ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن دوران 17 سئو مريضن کي ڪوروناجي تصديق ٿي آهي جيڪڏهن ريشو ائين رهيو ته هڪ مهيني ۾ مريضن جو انگ ٻن لکن کان وڌيڪ ٿي ويندو، هن چيو آهي ته ڊاڪٽرن سنڌ حڪومت کي صلاح ڏني آ ته لاڪ ڊائون هنيو وڃي پر اسان اڃا آخري ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جيڪي ملڪ کلي ويا آهن اتي 60 سيڪڙو آبادي کي ويڪسين ڪئي وئي آهي، هتي بدقسمتي سان واٽس ايپ تي گمراہه ڪيو پيو وڃي، خدا نه ڪري هتي هندستان واري صورتحال پيدا ٿي وڃي، ڊاڪٽرن ٻڌايو آهي ته اسپتالن ۾ 87 سيڪڙو اھي مريض آهن جن ويڪسين ناهي لڳرائي، جن دڪانن تي بغير ماسڪ جي سروس ڪئي پئي وڃي انھن خلاف ڪاروائي ٿيڻ گھرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔