اسلام آباد ۾ ڀاءُ گھريلو تڪرار تان پنھنجي ڀاءُ، ڀاڄائي ۽ ڀائٽيي کي قتل ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ ڀاءُ گھريلو تڪرار تان پنھنجي ڀاءُ، ڀاڄائي ۽ ڀائٽيي کي قتل ڪري ڇڏيو، شمس ڪالوني ٿاڻي جي حدن ۾ گھريلو اختلافن سبب واقعو پيش آيو، جتي سڳي ڀاءُ فائرنگ ڪري پنھنجي ڀاءُ، ڀاڄائي ۽ ڀائٽيي کي قتل ڪري ڇڏيو آھي، پوليس جو ان سلسلي ۾ چوڻ آھي تھ شمس ڪالوني جي علائقي ايڇ، 13 جي ڳوٺ بوڪران ۾ ڀاءُ جي فائرنگ سبب ڀاءُ، ڀاڄائي ۽ ڀائيٽيو قتل ٿي ويا، ھڪ شخص زخمي ٿي پيو، جنھن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آھي تھ جوابدار وقاص ۽ مقتول ھڪ ئي گھر ۾ رھندڙ ھئا ۽ گھريلو جھيڙي سبب فائرنگ جو واقعو پيش آيو، واقعي جي جاچ جاري آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔