پاڪ – ويسٽ انڊيز سيريز: ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ بُري خبر

بارباڊوس: ڪورونا وائرس پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز تي به اثرانداز ٿي ويو.
قومي ڪرڪيٽ ٽيم اڄڪلهه ويسٽ انڊيز ۾ موجود آهي، جنهن کي ميزبان ٽيم خلاف 5 ٽي ٽوئنٽي ۽ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏڻي هئي پر ڪورونا وائرس سبب هڪ ميچ جو انگ گهٽايو ويو آهي.
ويسٽ انڊيز ۽ آسٽريليا جي ٽيمن ۾ ون ڊي سيريز دوران ڪورونا جي انٽري کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال سبب 27 جولاءِ تي پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شيڊيول ميچ ختم ڪئي وئي آهي.
اهڙي فيصلي کانپوءِ هاڻ پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ 5 بدران 4 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون وينديون.
ٻنهي ٽيمن ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ 28 جولاءِ، ٻي 31 جولاءِ، ٽين پهرين آگسٽ، جڏهن ته چوٿين 3 آگسٽ تي کيڏي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔