ٽوڪيو اولمپڪس: ثانيا مرزا پهرئين ئي رائونڊ ۾ شڪست کائي ايونٽ کان ٻاهر

ٽوڪيو : ڀارت سان واسطو رکندڙ مشهور ٽينس اسٽار ثانيا مرزا ٽوڪيو اولمپڪس جي پهرئين ئي رائونڊ ۾ شڪست کائي ايونٽ کان ٻاهر ٿي وئي.
قومي ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي گهرواري ثانيا مرزا جو ٽوڪيو اولمپڪس ۾ پنهنجي ئي ملڪ جي ساٿي رانديگرياڻي انڪتينا رائنا سان گڏجي يوڪرائن جي ٻن ڀيڻن ليوڊيميلا ۽ ناديا سان مقابلو ٿيو.
وومينز ڊبلز ۾ ثانيا مرزا ۽ انڪتينا رائنا کي يوڪرائني ڀيڻن ليوڊيميلا ۽ ناديا 6-0, 6-7, (8-10)) تان شڪست ڏني.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔