وزارتي ڪميٽي دودو ڀيل واقعي جي شروعاتي رپورٽ وڏي وزير کي اماڻي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ جي وزارتي ڪميٽي دودو ڀيل واقعي جي شروعاتي رپورٽ وڏي وزير کي اماڻي ڇڏي آهي. ٿرپارڪر جي ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ سيڪيورٽي گارڊن جي تشدد ۾ دودو ڀيل قتل ٿي ويو هو. قتل واري واقعي جي انڪوائري لاء وڏي وزير سيد مراد علي شاه صوبائي وزير امتياز شيخ جي سرابراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي هئي. ذريعن موجب وزارتي ڪاميٽي شروعاتي رپورٽ ۾ تشدد ذريعي قتل جي تصديق ڪري ڇڏي، ڪميٽي پاران ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي ضمانت رد ڪرائڻ جي سفارش ڪئي وئي. صوبائي وزير امتياز شيخ موجب دودي ڀيل جو موت تشدد سبب ٿيو، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ٿيل آهي، سندن ضمانت رد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته پوليس جون خاص ٽيمون جوڙيون ويون آهن, جوابدار ضرور گرفتار ٿيندا..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔