ليونل ميسي نيٺ ملڪ لاءِ وڏي ٽرافي کٽي ورتي

ريو ڊي جنيرو : ڪوپا آمريڪا ڪپ جي فائنل ۾ ارجنٽائن ٽيم برازيل کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ گول تان شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.
برازيل جي شهر ريو ڊي جنيرو ۾ ڪوپا ڪپ 2021 جي فائنل ۾ ارجنٽينا ۽ دفاعي چيمپئين برازيل جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون، ميچ جو واحد گول ارجنٽائن جي اينجل دي ماريا ڪيو.
ارجنٽينا ميچ ۾ برازيل کي 0-1 تان شڪست ڏئي فتح حاصل ڪئي، جنهن سان گڏ ئي ارجنٽائن جو ڪا به وڏي ٽرافي کٽڻ لاءِ 28 سالن جو انتظار ختم ٿيو.
واضح رهي ته ارجنٽينا 1993 کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪنهن به وڏي ٽورنامينٽ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ميسيءَ جي اڳواڻي ۾ ارجنٽائن ٽيم 2015 ۽ 2016 جي ڪوپا آمريڪا ڪپ جي فائنل ۾ پهتي هئي پر ٽائيٽل کٽڻ ۾ ناڪام رهي.
ارجنٽينا 1993 ۾ ڪوپا ڪپ جي فائنل ۾ ميڪسيڪو کي 1-2 تان شڪست ڏني هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔