سنڌ اسيمبلي جي ايڊيشنل سيڪريٽري کي ڌمڪيون ڏيندڙ ضمانت تي آزاد

ڪنري: سنڌ اسيمبلي جي ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ٻين خلاف فيڪ آئي ڊيز ذريعي موتمار ڌمڪين واري ڪيس ۾ نامزد ٽنھي ڄڻن جي ضمانت منظور ٿي وئي. فريادي نياز شاھ جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عبدالقادر شاھاڻي کي ڪنري پوليس سول ڪورٽ ۾ پيش ڪيو. عدالت جوابدار جي پڪي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي، ساڳئي ڪيس ۾ نامزد ٻه پوليس اھلڪارن عبدالحفيظ ۽ گلبھار شاھاڻي جي سيشن ڪورٽ عمرڪوٽ مان 8 جولائي تائين گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت منظور ٿي وئي. ٻنھي عدالت سڳورين ٽنھي جوابدارن جون ضمانتون منظور ڪري ورتيون. ضمانت منظور ٿيڻ بعد گرفتار نوجوان عبدالقادر شاھاڻي کي لڳل ھٿڪڙيون کولي کيس آزاد ڪيو ويو. ياد رھي ته سنڌ اسيمبلي جي ايڊيشنل سيڪريٽري سيد ميان حسن شاھ ۽ ٻين خلاف فيسبڪ تي فيڪ آئي ڊيز ذريعي پوسٽون لڳائڻ جو گذريل ڏينھن سندس سئوٽ نياز محمد شاھ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔