سنڌ جي مختلف کاتن ۾ فوتي ڪوٽا تحت 367نوڪريون ڏيڻ جي منظوري

ڪراچي :چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاهه جي صدارت ھيٺ فوتي ڪوٽا تي عملدرآمد بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ لاڳاپيل کاتن جي سيڪريٽريز شرڪت ڪئي، ان موقعي تي چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه چيو ته فوتي ڪوٽا تحت 2019 کان ھن وقت تائين 6213 نوڪريون ڏنيون ويون آهن، اجلاس ۾ فوتي ڪوٽا تحت 367 نوڪريون ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، صحت کاتي ۾ 66، زراعت کاتي ۾ 9، اوقاف کاتي ۾ 9 نوڪريون ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته ڪاليج ايجوڪيشن ۾ 9، ايکسائيز کاتي ۾ 3، خوراڪ کاتي ۾ 4 ۽ فاريسٽ کاتي ۾ 6 نوڪريون ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، آبپاشي ۾ 24، اسڪول ايجوڪيشن ۾ 162، بلديات کاتي ۾ 46 نوڪريون ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. پاپوليشن کاتي ۾ 9، ورڪس سروسز ۾ 3، قانون واري کاتي ۾ پڻ 3 نوڪريون ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. چيف سيڪريٽري سنڌ جي لاڳاپيل آفيسرن کي ھدايت ڪئي ته ڪميٽي مان منظور ٿيل ملازمن کي جلد پگھارون جاري ڪيو وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔