خورشيد شاهه اسپتال ۾ ڪيتريون ۽ ڪنهن جي اجازت سان ذاتي ۽ سياسي گڏجاڻيون ڪيون؟: عدالت

سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه ٻن سالن کان اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ۾ علاج هيٺ هجڻ بابت اسپتال انتظاميه کان جواب طلب ڪري ورتو ۽ ٽآئيم نيوز عدالت جي لکت واري فيصلي جي ڪاپي حاصل ڪري ورتي، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي سڀاڻي ذاتي حيثت ۾ حلف نامو جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي،عدالت ڊي جي نيب ۽ اين آءِ سي وي ڊي جي ڊاڪٽر نديم قمر کان اڄ ئي حلف نامه طلب ڪري ورتا، صبح جو ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس عمر سيال ۽ جسٽس مبين احمد لاکو اين آءِ سي وي ڊي انتظاميه ۽ نيب آفيسرز جي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو، عدالت ريمارڪس ڏنا هئا ته ٻڌايو وڃي ته خورشيد شاهه کان علاوه هن جهڙي مريضن کي ڪيترو عرصو اسپتال ۾ علاج لاءِ رهايو ويو آهي، عدالت ريمارڪس ڏنا ته جنهن بيماري ۾ خورشيد شاهه علاج هيٺ آهي انهي بيماري ۾ ٻين مريضن کي علاج جون ڪهڙيون سهولتون ڏنيون پيون وڃن، ٻڌايو وڃي ته خورشيد شاهه کي ٽيون فلور ڏيڻ سان ڪيترا مريض متاثر ٿيا آهن، اهو به ٻڌايو وڃي ته خورشيد شاهه اسپتال جي اندر ڪيتريون ۽ ڪنهن جي اجازت سان ذاتي ۽ سياسي گڏجاڻيون ڪيون، عدالت چيو ته شاهه صاحب تي الزام آهي ته هو تقريبن ٻن سالن کان اسپتال جي ٽئين فلور تي قابض آهي،هڪ شخص کي خصوصي اهميت ڏئي سهولتن سان گڏ ڪنهن جي اجازت سان رکيو ويو،ڇا سنڌ سرڪار اسپتالن کي سب جيل قرار ڏنو هو،؟ جيڪڏهن ڏنو ته ان جو ليٽر سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته سکر جي انتظامي آفيسرز روزاني اسپتال اچن ٿا ۽ اتان کان هدايتون به وٺن ٿا، عدالت لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي 11 وڳي مقرر ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔