لاھور جي علائقي جوھر ٽائون ۾ ڌماڪو، 3 ڄڻا مارجي ويا، 24 زخمي

لاھور: لاهور جَي علائقي جوهر ٽائون ۾ ڌماڪي جَي نتيجي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، 24 زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ پوليس اهلڪار، هڪ عورت ۽ 2 ٻارڙا شامل آھن، جناح اسپتال انتظاميا موجب 5 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، صحت واري وزير ياسيمن راشد جناح اسپتال ۾ زخمين جي عيادت ڪئي، اکين ڏٺي شاهد عورت جو چوڻ آهي ته هڪ همراهه موٽر سائيڪل بيهاري ويو، جنهن ۾ ڌماڪو ٿيو، پوليس موجب ڌماڪي واري هنڌ 4 فٽ تائين کڏو پئجي ويو آهي، ڌماڪي جي نوعيت جو پتو لڳايو پيو وڃي، ڌماڪي سبب ڪيترن ئي گهرن ۽ 10 گاڏين کي نقصان پهتو: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي، پنجاب جَي وڏي وزير عثمان بزدار نوٽيس وٺندي آءِ جي پنجاب کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد لاهور ڌماڪي جو نوٽيس ورتو، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي وئي آھي، شيخ رشيد چيو آهي ته ڌماڪي جي نوعيت جو پتو لڳايو پيو وڃي، ذميوارن کي بخش نه ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔