سنڌ ۾ فائزر ويڪسين لڳائڻ جو عمل سومر کان شروع ٿيندو

ڪراچي: سنڌ جي صحت کاتي موجب سنڌ کي وفاق طرفان فائزر ويڪسين جي 12 هزار ڊوز مليون آهن، جڏهن ته فائزر ويڪسين صوبي جي 7 وڏين سرڪاري اسپتالن ۾ لڳائي ويندي، جن ۾ ڪراچي جو ايس آءِ يو ٽي، جناح، سول اسپتال ۽ ڊائو يونيورسٽي جي اوجها اسپتال ۾ ويڪسين لڳائي ويندي، هن کان علاوه گمبٽ انسٽي ٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز، لياقت يونيورسٽي اسپتال ڄامشورو ۽ چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي ۾ به فائزر ويڪسين لڳائي ويندي، عملدارن جو چوڻ آهي ته فائزر ويڪسين صرف ڪمزرو ماڻهن کي لڳائي ويندي جن ۾ گردا، جگر ۽ ٻيا ٽرانسپلانٽ جا مريض شامل آهن، عملدارن موجب پاڪستان کي ويڪس جي ذريعي فائزر جي هڪ لک 6 هزار ڊوز مليون آهن ۽ پوري ملڪ ۾ فائزر ويڪسين جي 51 هزار ڊوز تقسيم ڪيون ويون آهن، پنجاب کي 26 هزار، سنڌ 12 هزار، بلوچستان 2 هزار جڏهن ته اسلام آباد، گلگلت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير کر هڪ ه ڪ هزار ڊوز مليون آهن، فائزر ويڪسين کي الٽرا ڪولڊ چين فريزر سان ڪڍڻ بعد 30 ڏينهن ۾ استعمال ڪرڻ لازمي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔