جيڪب آباد: جي يو آءِ اڳواڻ گرفتار، مڇريل ماڻهن شهر بند ڪرائي ڇڏيو

جيڪب آباد: ايئرپورٽ پوليس جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عبدالجبار رند کي گرفتار ڪري صدر ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. جي يو آءِ اڳواڻ جي گرفتاري جي اطلاع تي وڏي انگ ۾ ڪارڪن گڏ ٿي ويا، مڇريل ڪارڪنن شھر بند ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيو.جي يو آءِ جي ڪارڪنن پاران شھر بند ڪرائڻ سبب شھرين ۾ خوف پکڙجي ويو. جي يو آءِ ڪارڪن شھر بند ڪرائڻ بعد ايس ايڇ او ايئرپورٽ جي يو آءِ ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري وٽ پھچي ويو، ڳالهيون جاري. هي يو آءِ اڳواڻن جو الزام آهي ته ون فائیو مددگار پولیس مولانا عبدالجبار رند کي گھرائڻ بعد گرفتار ڪري ايئرپورٽ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔