وزير اعظم طرفان امريڪا کي افغانستان ۾ ڪارروائي لاءِ هوائي اڏا ڏيڻ کان انڪار

ڪراچي : وزير اعظم عمران خان طرفان امريڪا کي افغانستان ۾ ڪارروائي لاءِ هوائي اڏا ڏيڻ کان انڪار، امريڪي ٽي وي کي انٽرويو ۾ واضح ڪيو ته افغانستان ۾ ايڪشن لاءِ پاڪستاني زمين استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، اهو ممڪن ناهي ته پاڪستان امريڪا کي افغانستان ۾ ڪارروائي لاءِ اڏا ڏئي، ياد رھي تھ گذريل ڏينھن ۾ پاڪستاني ۽ غير ملڪي ميڊيا ۾ پاڪستان پاران آمريڪا کي زميني ۽ فضائي رستا فراھم ڪرڻ جون رپورٽس سامھون آيون ھيون، جن جي پرڏيھي آفيس پاران بھ ترديد ڪئي ھئي وئي، ان کان اڳ سينيٽ ۾ ڳالھائيندي شاھ محمود قريشي جو چوڻ ھو تھ پاڪستان ۾ آمريڪي اڏن جي خبر کي واضح لفظن ۾ بي بنياد چئون ٿا، عمران خان جي ھوندي آمريڪي اڏا پاڪستان ۾ نھ ٺھندا..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔