ڪراچي: ڦورن سان مقابلو، هڪ اهلڪار شهيد

ڪراچي: سچل ٿاڻي جي حد جمالي پل جي ويجهو ڌاڙي جي اطلاع تي پوليس پهتي ته ڦورن پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ سچل ٿاڻي جي اهلڪار شبير احمد کي سيني ۾ گولي لڳي ۽ هو موقعي تي ئي شهيد ٿي ويو. شهيد اهلڪار موري جي ڳوٺ صوفاڻي شاهه جو رهواسي هو، سندس عمر 51 سال هئي ۽ هو 1994ع ۾ پوليس ۾ ڀرتي ٿيو هو. پوليس موجب ٽن افغاني ڦورن جي اطلاع تي پوليس پهتي ته مقابلو ٿي پيو، ڦورن جي ڳولا جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔